490

انڪشاف ٿيو آهي ته آسٽريليا جي دوري ۾ قومي ٽيم سان گڏ ڪو به ڊاڪٽر موجود ناهي

انڪشاف ٿيو آهي ته آسٽريليا جي دوري ۾ قومي ٽيم سان گڏ ڪو به ڊاڪٽر موجود ناهي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي دوري ۾ قومي ٽيم جو ڊاڪٽر نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.قومي ٽيم هن وقت آسٽريليا جي دوري تي آهي جتي ٽيم کي آسٽريليا خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻو آهي جنهن جي قيادت شان مسعود ڪري رهيو آهي.ذريعن موجب قومي ٽيم وٽ آسٽريليا جي دوري لاءِ ڊاڪٽر موجود ناهي، ڊاڪٽر سهيل سليم جو نالو انتظاميا جي 17 ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ ڊاڪٽر سهيل سليم ويزا مسئلن سبب 14 ڊسمبر تي ڪوپرٿ ۾ ٽيم جوائن ڪندو.

ذريعن موجب پاڪستاني ٽيم سان فزيوٿراپسٽ ڪلف ڊڪن ۽ مسيور ملنگ موجود آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو