218

اسيمبلين مان استعيفائون ضرور ڏيڻ گهرجن، بلاول ڀٽو عدم اعتماد رِٿ ۽ اِن هائوس تبديلي جي ڳالهه ڪندو ته غور ويچار ڪبو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ ٻيون پارٽيون استعيفيٰ ڏيڻ تي يقين رکن ٿيون، استعيفائون ڏيڻ گهرجن ۽ لازمي ڏيڻ گهرجن. جاتي امرا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته ڏينهون ڏينهن مهانگائي ۾ واڌ اچي رهي آهي، وزيراعظم جي ترجيحن ۾ عوام شامل ناهي، ان جي ترجيح رڳو مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ آهي، عوام کي اهي جواب ڏيندا آهن جن کي چونڊيو وڃي، هڪ نالائق ۽ نااهل شخص کي اقتدار ۾ آندو ويو آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته اسان تنقيد براءِ تنقيد نه پيا ڪريون، جيڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو اسان ان خلاف ڳالهائينداسين، الله نه ڪري عوام تي حڪومت جو عذاب رهي، منهنجو خيال ناهي ته مهانگائي ڪري حڪومت پنج سال پورا ڪندي. هن چيو ته 4 فيبروري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ حڪمت عملي جوڙي ويندي، بلاول ڀٽو زرداري عدم اعتماد واري رِٿ ۽ اِن هائوس تبديلي جي ڳالهه ڪندو ته غور ويچار ڪيو ويندو، لانگ مارچ تي پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون متفق آهن، لانگ مارچ  ۽ ڌرڻو ڪيتري وقت تائين هوندو اهو گڏجي ويهي طئي ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو