20

اسٽيل مل جو اڳوڻو چيئرمين ڪرپشن جي 9 مان 5 ڪيسن مان بري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي احتساب عدالت اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين کي ڪرپشن جي 9 مان 5 ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 31 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت شاهد نه هجڻ تي معين آفتاب شيخ ۽ ثمعين اصغر سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته ٻين جوابدارن ۾ محمد رفيق، عبدالرزاق، احمد حسن جيواني، محمد حامد ۽ ٻيا شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو