اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 19 فيبروري جي صبح 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل 54 (3) تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي طلب ڪيو آهي. اهو اجلاس مخالف ڌر جي ريڪوزيشن تي طلب ڪيو ويو آهي.
