215

اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ن ليگ جو هوندو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ن ليگ جو هوندو ۽ اصول تحت سموريون پارٽيون ان جون پابند هونديون. جاتي امراءَ ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان جي نالائقي پوري ملڪ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ان جو مستقبل ان جي پنهنجي ڪارڪردگي سان ٻڌل آهي، پي ڊي ايم ڪنهن به صورت ۾ حڪومت کي ننڍي گهٽي مان ڀڄڻ جي اجازت نه ڏيندي. مريم نواز چيو ته ڪوشش آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون پارٽيون متحد رهن، پيپلز پارٽي جو پنهنجو فيصلو آهي ته هو پي ڊي ايم سان گڏ رهي ٿي يا نه، سينيٽ چونڊن ۾ سموريون پارٽيون يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪري رهيون هيون ۽ هاڻي اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ن ليگ جو هوندو، ان حوالي سان مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، اصول تحت سمورين پارٽيون ان فيصلي جون پابند آهن، ڪنهن جي جارحيت کانپوءِ تبديلي جي ڪابه گنجائش ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو