183

اعتماد جو ووٽ: صدر قومي اسيمبلي جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر جي شام طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر طرفان قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر جي شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم سينيٽ چونڊن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڏسندي ايوان کان اعتماد جو ووٽ وٺندو. واضح رهي ته سينيٽ چونڊن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست کانپوءِ پي ڊي ايم وزيراعظم کان استعيفيٰ ۽ نين چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو