اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته آصف علي زرداري ، نواز شريف ۽ فضل الرحمان منصوبو ٺاهيندا ته حڪومت هلي ويندي، بي اعتمادي جو فيصلو پي ڊي ايم ڪندي، عمران خان جي اعتماد واري ووٽ جي عوام آڏو ڪابه حيثيت نه آهي، اسلام آباد جي سنڌ هائوس ۾ پي ڊي ايم جي مانجهاندي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻڌائينداسين ته اسپيڪر ڪيستائين ڪرسي تي ويهندو، اسان فيصلو ڪنداسين ته بي اعتمادي رٿ ڪٿي ۽ ڪنهن جي خلاف آڻڻي آهي، ملڪ ۾ اڍائي سالن کان هائبرڊ نظام هلي رهيو آهي، اسان سينيٽ جي چونڊن ۾ نه رڳو حڪومت کي شڪست ڏني، پر سموري نظام ۽ ڪٺ پتلي حڪومت کي وائکو ڪري ڇڏيو، عمران خان کي يوسف رضا گيلاني کان سکڻ گهرجي، عمران خان جي ايڏي حيثيت ئي نه آهي جو پارليامينٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جو نالو کڻي، اسان توهان جيان چور دروازي ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي نه آيا آهيون ۽ نه اينداسين. اسان پي ڊي ايم جي ڪارڊ سان اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته حڪومت ڪيتري ڪمزور آهي، عمران خان جي اعتماد واري ووٽ جي عوام آڏو ڪابه حيثيت نه آهي. سياست ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ جي فن جو نالو آهي، سينيٽ جي هڪ ئي سيٽ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو، حڪومت جي لاءِ سمورا دروازا بند ٿيندا پيا وڃن . آصف علي زرداري ، نواز شريف ۽ فضل الرحمان جڏهن گڏجي منصوبو ٺاهيندا ته حڪومت هلي ويندي. ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته هڪ ٻي پويان شڪست ملي ته دماغ ڦري وڃڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، هي رڳو سيڪيورٽي جي بنا نڪرن ته عوام جوتا کڻي بيٺو آهي. اڄ پارليامينٽ هائوس ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿيو، مون اهو ٽي وي تي ڏٺو پر حيران نه آهيان، خوشي آهي ته حڪومت جي غنڊا گردي نظر اچي وئي، اقتدار هٿن مان ويندي نظر اچي ته ايئن دماغ ڦري وڃڻ سمجهه ۾ اچي ٿو. هن چيو ته مريم اورنگزيب ڪجهه ڀاڙي جي غنڊن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، توهان ٻڌائي ڇڏيو ته شينهن شينهن ٿيندو آ، جڏهن گدڙ جو موت ايندو آهي ته اهو شهر ڏانهن ايندو آهي، پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ به غنڊا گردي ڪندي هئي ۽ اڄ حڪومت ۾ به اهو ئي ڪري رهي آهي، توهان جي سيڪيورٽي جلد ختم ٿي ويندي ۽ سيڪيورٽي مان نڪرو ته عوام جوتا کڻي بيٺو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وزيراعظم ڪوڙي اعتماد جو ووٽ ورتو، چيو ويو ته مون کي ووٽ ڏيو نه ته توهان کي نه ڇڏيندس، اڄ وري ويڪائو ميمبرن کان ووٽ ورتا ويا، عمران خان پاڪستاني ٽرمپ آهي، پاڪستاني ٽرمپ اڄ ويندي ويندي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت کي بچائڻ وارا هاڻي پنهنجي عزت بچائين. مريم نواز چيو ته اسان اڄوڪي غنڊا گردي کي نه وسارينداسين، ڪوهيڙو ختم ٿيو ته توهان جا داستان سامهون اچي ويندا، حڪومت سياسي موت مري چڪي آهي، هاڻ رڳو تدفين رهيل آهي، جيڪا پي ڊي ايم ۽ عوام سٺي طريقي سان ڪندو ته جيئن اهي لاش قبر مان ڪڍڻ جي لائق به نه رهن. پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جن 16 ميمبرن کي ضمير وڪڻندڙ چيو انهن کي ٻاهر ڪڍي اعتماد جو ووٽ وٺي ته ڏيکاري، جن کي چور ٿو چوي انهن کان ووٽ به وٺي ٿو.
