30

افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ پشاور مان برقعن جي برآمد ۾ اضافو ٿي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ پشاور مان برقعن جي برآمد ۾ اضافو ٿي ويو. رپورٽ مطابق افغانستان ۾ طالبان پاران اقتدار سنڀالڻ ۽ ملڪ جو ڪنٽرول طالبان جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه صوبي جي گادي واري شهر پشاور ۾ برقعن جي گهرج ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي، ان ڏس ۾ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته طالبان جي اچڻ کانپوءِ اسان جو ڪاروبار چمڪي ويو آهي ڇو ته وڏي انگ ۾ برقعن ۽ حجاب جي افغانستان برآمد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو