اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خزاني واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته افغانستان جا معاملا هلائڻ لاءِ پاڪستان مان ماڻهن کي موڪلي سگهجي ٿو، اسلام آباد ۾ سينيٽ جي خزاني واري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خزاني واري وزير بريفنگ ڏني، جڏهن ته واپاري خسارو 4 ارب ڊالر ٻڌايو ويو، ان موقعي تي شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو تائين رهي، هلندڙ سال 4.8 سيڪڙو تي کڻي وينداسين، معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، هن چيو ته افغانستان جا 9 ارب ڊالر عالمي مالياتي ادارن پاران روڪيا ويا ۽ مالي ذخيرن کي منجمند ڪيو ويو آهي، افغانستان سان واپار پاڪستاني رپين ۾ ٿيندو، ڪجهه هفتن بعد معلوم ٿيندو ته افغانستان سان واپار تي ڪهڙا اثر پون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته آڪٽوبر ۾ ڪاميٽي کي پهرين 3 مهينن جي ڪارڪردگي تي بريفگ ڏيندس، افغانستان جا معاملا هلائڻ لاءِ پاڪستان مان ماڻهن کي موڪلي سگهجي ٿو.
