28

افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل تي راڪيٽن سان حملا، 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

 ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل تي راڪيٽن سان حملا ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي  ٿي پيا آهن. افغان ميڊيا جي رپورٽ مطابق ڇنڇر ڏينهن صبح جو گادي واري شهر ڪابل ۾ 2 آءِ اي ڊي زوردار ڌماڪا ٿيا، جنهن کان پوءِ هڪ ڪلاڪ تائين شهر تي ٻن طرفن کان راڪيٽن فائر ڪيا ويا. افغان جي گهرو وزارت شهر جي مختلف علائقن ۾ 23 راڪيٽ حملن جي تصديق ڪئي آهي جنهن ۾ مارڪيٽون ۽ رهائشي علائقا شامل آهن، جڏهن ته هڪ راڪيٽ ايران جي سفارت خاني جي چوديواري ۾ ڪريو پر ان جي ڪري ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته شهر ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو