25

افغانستان ۾امن جا خواهشمند آهيون،ڪنهن کي به امن عمل کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين: آرمي چيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان ميڊيا جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي، ملاقات دوران افغانستان ۾امن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغانستان ۾امن جا خواهشمند آهيون،ڪنهن کي به امن عمل کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، ٻنهي ملڪن جو امن هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي،سرحدن جي حفاظت پاڪستان ۽ افغانستان جي مفاد ۾آهي، امن خراب ڪندڙن کي سڃاڻڻ ۽ انهن کي شڪست ڏيڻ افغانستان جي ميڊيا ۽ اتان جي افغان عوام جي ذميواري آهي، خطي جي پائيدار ترقي لاءِ افغانستان ۾امن بحالي جي خواهش آهي،ميڊيا ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو