170

افغانستان ۾ عورت ججن جو قتل وحشياڻي ڪارروائي آهي: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ سپريم ڪورٽ جي عورت ججن جي قتل جي پاڪستان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري سپريم ڪورٽ جي ٻن عورت ججن کي قتل ڪري ڇڏيو هو. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ عورت ججن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عورت ججن جو قتل دهشتگردي جي وحشياڻي ڪارروائي آهي، سموريون ڌريون امن عمل لاءِ ڪوششون تيز ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو