ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي هلمند جي گادي واري هنڌ لشڪرگاهه جي شاهراهه تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا. چيني خابرو اداري مطابق صوبائي حڪومت جي ترجمان عمر زوات ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪي مقامي وقت مطابق صبح جو 10 لڳي 15 منٽن تي ٿيو جيڪو هڪ موٽر سائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو.
