472

آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيل شامي هدايتڪار جي فلم ”وي ڊئر ٽو ڊريم“ جو ورلڊ پريميئر ٿيو.

آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيل شامي هدايتڪار ود الخطيب جي نئين فلم ”وي ڊئر ٽو ڊريم“ جو ورلڊ پريميئر لنڊن جي ليسٽر اسڪوائر تي منعقد ڪيو ويو.
تقريب ۾ نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي ۽ اداڪارا ايما واٽسسن پڻ شرڪت ڪئي.
ٻڌايو پيو وڃي ته فلم جي ڪهاڻي 2020 جي ريفيوجي اولمپڪس ٽيم جي ايٿليٽس جي چوڌاري گهمي رهي آهي جيڪي اميد جي کرن بڻجي ويندا آهن.

 فلم ”وي ڊئر ٽو ڊريم“ پهرين ڊسمبر تي وڏي اسڪرين تي رليز ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو