16

آزاد ڪشمير ۾ چونڊون سڀاڻي ٿينديون، سيڪيورٽي ادارن جو چونڊ عمل سان ڪو به تعلق ناهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام اباد/لاهور(م ڊ ) آزاد ڪشمير چونڊون ۾ 45 سيٽن لاءِ 742 اميدوار ميدان تي لهندا، ان حوالي سان تياريون جاري آهن، خانگي ٽي وي جي رپورٽ  موجب آزاد ڪشمير چونڊن ۾ 32 لک 20 هزار 546 شهري ڳجهي ووٽنگ ذريعي ووٽ جو حق استعمال ڪندا،جڏهن ته رياستي  چونڊن ۾ ڪيتريون ئي اهم سياسي شخصيتون پنهنجو زور ڏيکارينديون، هوڏانهن مختلف سياسي جماعتن وڏا سياسي پهلوان به ميدان تي لاهي ڇڏيا. ٻئي طرف آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن جي ممبر فرد علي مير علي چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن  جو چونڊ عمل سان ڪو به تعلق ناهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جي الڪيشن هميشه اهم رهي آهي، 5 جولائي تي چونڊ ٿيندي، ملڪ جي مختلف صوبن جي 12  طبقن ۾ ڪشميري ووٽ جو حق استعمال ڪندا،  2018 ۾ فيصلو  ٿيو ته ٻين صوبن ۾رهندڙ ڪشميرن مهاجرن کي ووٽ جو حق آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو