ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اوڀرندي صوبي ننگرهار جي گاديءَ واري شهر جلال آباد ۾ بم ڌماڪي ۾ ليڊي ڊاڪٽر مارجي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري صوبائي حڪومت جي ترجمان جي حوالي سان ٻُڌايو آهي ته اهو ڌماڪو هڪ رڪشا ۾ ڌماڪيدار مادو نصب ڪيو ويو هو، جيڪو صبح سوير رش واري هنڌ ڦاٽڻ سبب گائناڪالاجي جي ڊاڪٽرياڻي ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته وڌيڪ تفصيلن جو انتظار آهي. افغانستان ۾ عورت ملازمن تي گذريل 3 ڏينهن ۾ ٿيل اهو ٻيو حملو آهي، ان کان اڳ اڱاري تي داعش فائرنگ ڪري مقامي ميڊيا جي 3 عورت ملازمن کي قتل ڪيو هو.
