37

اقتدار خاطر خاموش نه ويهندس، عهدي لاءِ مقصد بدلائي نٿو سگهان: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مان بزدل ناهيان، مقابلو ڪرڻ ڄاڻيان ٿو، اقتدار خاطر خاموش نه ويهندس، عهدي لاءِ مقصد بدلائي نٿو سگهان. رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ نئين چونڊيل سينيٽرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اجلاس ۾ خصوصي طور شامل ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان صادق سنجراڻي تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ اسان جو اميدوار هوندو. وزيراعظم چيو ته مان بزدل ناهيان، مقابلو ڪرڻ ڄاڻيان ٿو، ملڪ ۾ نظام جي تبديلي جو مشن کڻي آيو آهيان، ان موقف تان پوئتي نه هٽندس، جيڪڏهن نظريي تي سمجهوتو ڪري وٺان ته حڪومت ڪرڻ سولو بڻجي ويندو، ادارن جي مضبوطي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو