31

اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 6 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. اي سي سي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ صحت ورڪرن ۽ 65 سالن جي عمر کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسين خريد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن ۾ گهٽتائي وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي، ان کانسواءِ جي 20 ملڪن کي قرضن جي ادائيگي ۾ واڌ جي سمري به منظور ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو