271

اقليتي برادري هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، هر ڏک سک ۾ ساڻن گڏ هونداسين: مير طارق ٽالپر

جهڏو (ن سوڀ) اقليتي برادري هميشه پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، جهڏو تعلقي ۾ اقليتي برادري وڏي انگ ۾ آباد آهي، جنهن سدائين پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار پيپلزپارٽي جي ايم پي اي مير طارق ٽالپر جهڏو جي اڳوڻي اقليتي ڪائونسلر فقيرو ميگھواڙ جي والد نارو ميگھواڙ جي ديهانت ٿيڻ بعد سندس گهر وڃي تعزيت ڪندي ڪيو. هن چيو ته تڪ جي عوام ۽ خاص ڪري اقليت برادري جي هر ڏک سک ۾ هميشه ساڻن گڏ آهيون. ان موقعي تي پيپلز يوٿ ونگ اڳواڻ اعظم نوحاڻي، سيد امداد شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو