اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڌانڌلي جي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي الزام آمراڻي سوچ جو ثبوت آهي،وفاقي وزير آپي مان ٻاهر نڪري ويا آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مصطفي نواز کوکر چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي چاهي ٿي،ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي ساک کي خراب ڪيو پيو وڃي،الزام هنيا وڃن ٿا، ووٽنگ مشين اليڪشن چوري ڪرڻ جي سازش آهي، حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر کي الزام هڻي ٿي، سڀئي اليڪشن ڪميشن جو ساٿ ڏيو، ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام حڪومت جي امراڻي سوچ جو ثبوت آهي، ميمبرن کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڀڙڪائڻ تي سخت قانوني ڪارووائي ڪئي وڃي،عمران خان جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۽ پارلياماني ميمبرن جي سوالن جو حڪومت وٽ ڪو به جواب ناهي، هن چيو ته وزير اعظم پر ڏيهي فنڊنگ مان ڇوٽڪاري جي لاءِ اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ حملا ڪرائي رهيو آهي، من پسند فيصلو وٺڻ جي لاءِ اداري کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، ڊسڪه اليڪشن جي ڌانڌلي ۽ اليڪشن چوري پڪڙڻ جي رپورٽ روڪرائڻ جي لاءِ حڪومت اليڪشن ڪميش تي پڻ دٻاءُ وجهي پئي، ڪنٽومينٽ بورڊ جي نتيجن جي به ڪاوڙ ڪڍي پئي وڃي، ٻئي طرف اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري نئير حسين بخاري جي اڳواڻي ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو، آبپارا چوڪ وٽ پيپلزپارٽي جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪيو، ان موقعي خطاب ڪندي نئير حسين بخاري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آهي،تبديلي سرڪار جيڪي وعدا ڪيا اهي ته پورا نٿا پر عوام کان روزگار کسي بيروزگار ڪيو پيو وڃي.
