اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ سياسي پارٽين، اميدوارن، چونڊ ايجنٽس ۽ پولنگ ايجنٽس لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران سينيٽ چونڊن لاءِ جاري ڪيل ضابطا اخلاق مطابق اسلام ۽ پاڪستان جي نظريي خلاف ڪابه پروپيگينڊه يا راءِ نه ڏني ويندي، ڪابه اهڙي راءِ نه ڏني ويندي جيڪا پارليامينٽ، عدليا جي خودمختياري ۽ آزادي خلاف هجي. ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي بدنام ڪرڻ واري ڪوشش کان پاسو ڪيو وڃي نه ته توهين جا ڏوهاري قرار ڏنا ويندا، ڪنهن به قسم جي ڪرپٽ يا غيرقانوني سرگرمين جو حصو نه بڻجي، ڪنهن سرڪاري ملازم جو سهڪار حاصل نه ڪيو وڃي. ضابطا اخلاق مطابق ڪوبه سرڪاري ملازم ڪنهن به اميدوار کي پروموٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن جي اليڪشن ۾ رڪاوٽ بڻجندو، صدر، گورنر سينيٽ چونڊن ۾ حصو نه وٺندا، صدر ۽ گورنر پنهنجي آفيس يا گهر چونڊ مهم لاءِ استعمال نه ڪندا.
