توشه خانه فوجداري ڪيس: پي ٽي آءِ باني جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي فيصلي کي معطل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ساڳئي رليف لاءِ درخواست داخل ڪرڻ تي اعتراض اٿاريو. ٻڌڻي دوران امجد پرويز موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ڪيس 5 رڪني بينچ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، ان ڪري استدعا ڪئي وڃي ٿي ته اها درخواست هن عدالت ۾ نه ٻڌي سگهجي. |