94

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، مڙهيل الزامن جا ثبوت طلب

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري اليڪشن ڪميشن تي مڙهيل الزامن جا ثبوت طلب ڪري ورتا آهن. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئي ووٽنگ لاءِ معاهدي جي آڇ ڪرڻ تي نادرا تي ڏمرجي پيو آهي ۽ ان کي ڪاوڙ ڀريو جواب موڪلي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير  محمد اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن تي سخت تنقيد ڪري نه رڳو ان جي ساک تي سوال اٿاريا پر ان تي ڌر  ٿي ڌانڌلي ڪرائڻ ۽ پئسا وٺڻ جا الزام پڻ هڻي ڇڏيا. جنهن تي اليڪشن ڪميشن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو ۽ هاڻي انهن کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽريءَ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. ان اجلاس ۾ وفاقي وزيرن جي الزامن وارن بيانن تي ٻڌل پيمرا کان مليل وڊيوز جو جائزو ورتو ويو،  جنهن کان پوءِ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. انهن نوٽيسن ذريعي وفاقي وزيرن کان اليڪشن ڪميشن تي سندن مڙهيل الزامن جا ثبوت گهريا ويا آهن ۽ اهي ثبوت ڏيڻ لاءِ وزيرن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏني وئي آهي. ٻي پاسي اليڪشن ڪميشن آئي ووٽنگ لاءِ معاهدي جي آڇ ڪرڻ تي نادرا تي ڏمرجي پيو آهي ۽ ان کي ڪاوڙ ڀريو جواب موڪلي ڇڏيو آهي. ان بابت ٻڌايو  ويو آهي ته نادرا اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آئي ووٽنگ لاءِ 2.4 ارب روپين جي معاهدي جي خواهش ظاهر ڪئي پر اليڪشن ڪميشن کي خط ۾ لکيل ٻولي ڏکي لڳي، نادرا پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته آئي ووٽنگ لاءِ 2.4 ارب روپين جون نئون معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا، اليڪشن ڪميشن آئي ووٽنگ بابت نادرا جي ڄاڻايل نظام تي چڱي اڳڀرائي ڪري. اهڙ يخط کان پوءِ اليڪشن ڪميش نادرا کي جوابي خط لکيو آهي جنهن ۾ نادرا چيو آهي ته خط ۾ نادرا جي اختيار ڪيل لهجي تي مايوسي ٿي، ان لهجي مان اهو ئي تاثر ملي ٿو ته ڄڻ اليڪشن ڪميشن ڪ نادرا جو ماتحت ادارو هجي جنهن کي حڪم پيو ڏي.  اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو آهي ته نادرا پهرين اهو ٻڌائي ته هن آئي ووٽنگ جو پهريون منصوبو اڌ ۾ ئي ڇو ڇڏيو جنهن تي 6 ڪروڙ 65 لک رپيا خرچ ٿي چڪا هئا؟ جيڪڏهن ان ۾ ڪي غلطيون هيون ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو