161

اليڪشن ڪميشن ٻاهريان احتجاج، بلاول ڀٽو زرداري پاران شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق اليڪشن ڪميشن سامهون ٿيندڙ احتجاج ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت نه ڪندو، جڏهن ته پ پ جو وفد احتجاج ۾ حصو وٺندو. بلاول ڀٽو زرداري 18 جنوري تي سکر جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته 19 جنوري تي عمرڪوٽ جو دورو ڪندو، ان کانپوءِ پي ڊي ايم جي 23 جنوري تي رٿيل سرگوڌا واري جلسي ۾ شامل ٿيندو. پ پ پنجاب جي صدر قمر الزمان ڪائره جو چوڻ آهي ته پ پ جي سموري قيادت ۽ سينيئر اڳواڻ احتجاج ۾ شامل هوندا، بلاول ڀٽو زرداري جي شامل نه ٿيڻ بابت واضح ڄاڻ ناهي ملي. پي ڊي ايم جي 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن ٻاهريان احتجاج ۾ شرڪت جي حوالي سان ٿيل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره جو چوڻ هو ته 19 جنوري تي پي ڊي ايم پاران اليڪشن ڪميشن آفيس اسلام آباد سامهون احتجاج ۾ پ پ پ ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو