163

اليڪشن ڪميشن پاران اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن سيٽن تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن سيٽن تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، هتي پولنگن جو وقت صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين مقرر ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري حتمي فهرست موجب وفاقي گادي واري شهر مان سينيٽ جي ٻن سيٽن تي پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي. جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ آمهون سامهون آهن. هتان عورتن جي هڪ سيٽ تي مسلم ليگ (ن) جي فرزانه ڪوثر ۽ پي ٽي آءِ جي فوزيه ارشد آمهون سامهون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو