201

اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال جي تجويز رد،بيروزگار عوام جو فڪر ڪريو:شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين استعمال جي تجويز رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت بيروزگاري سبب مرندڙ عوام جو فڪر ڪري،پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽن جو نظام سڄي دنيا رد ڪيو،اليڪشن ڪميشن به ان کي ناقابل عمل قرار ڏئي چڪي آهي، هن چيو ته چونڊ سڌار جو ڪم سڄي قوم جي مشوري ۽ اعتماد سان ٿيندو آهي،عوام جي راءِ جي روشني ۾اهو ممڪن ٿيندو، (ن) ليگ 2018ع ۾پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي جماعتن جي مشاورت سان چونڊ سڌارا ڪيا هئا،ڪنهن کي اعتراض نه هو، جنهن وقت اپوزيشن مثبت چونڊ تجويزون ۽ ميثاق معيشت تي ڳالهه ڪئي ته اين آر او جو گوڙ ڪري توهين ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو