25

امن قائم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار …

ليکڪ: شاهزيب ڪمال سولنگي

تاريخ پنهنجو تسلسل پاڻ ورجائي ٿي، وقت ڪاڏي ۽ ڪنهن مهل وٺي ويندو اها تاريخ خود آڏو ايندو، سانڀر سان ٿيڻ، قدم کڻڻ، اڳتي وڌڻ به تاريخن ۾ شامل آهي، وقت سان گڏ هلبو ته جديد ٿيڻو پوندو ۽ دنيا ته هاڻي نالو ئي جديد جو آهي، جيئن اڳ ۾ ڪاغذ، قلم ۽ هاڻي مرر، پروٽيڪٽر، مقصد ته جدت جي حد جو ڪو رستو ئي ناهي، اها ڳالهه نظر رکندي هڪ ٽڀڪي کي کڻي ٿا وٺون ته اهو آهي سماج جي سڌاري ۾ ميڊيا جو ڪردار، اهو ڪردار سوچون تبديل ڪري ٿو، سماج کي سڌاري ٿو، اڄ جي جديد دور ۾ ميڊيا هر ان قوم ۽ معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اڄ جتي ميڊيا جو پنهنجو رول آهي اتي انسانيت جو به ذڪر اڳيان ڪرڻو پوي ٿو، اسانجي لکڻ جو به خاص محور ميڊيا ۽ انسانيت آهي، ڪنهن به ملڪ يا رياست ۾ ميڊيا جو رول چوٿين ٿنڀي جو آهي، ان ۾ امن جو پيغام به اچي سگهي ٿو ۽ انتشار به ڦهلجي سگهي ٿو، هي مثال سڀ ميڊيا جي مواد ذريعي عوام تائين پهچن ٿا، اڄ جي جديد دور ۾ هر ماڻهون پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کان واقف ٿيڻ چاهي ٿو، ان جي چئن پاسن جو جائزو وٺڻ چاهي ٿو ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديليون ۽ بدلجندڙ حالتن بابت پنهنجي جڳهه جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري سمجهي ٿو، هن جديد دور ۾ دنيا ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پڻ ترقي ڪري پئي ۽ هن ترقياتي ۽ تجارتي دور ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ رياستون پنهنجن مفادن خاطر جنگ جهڙي صورتحال تائين پهچن ٿيون ۽ پنهنجي دفاع خاطر مختلف هٿيارن جي بناوت کان وٺي استعمال تائين انسانيت کي پوئتي ڌڪن ٿيون، اهڙي ڏُکي صورتحال ۾ امن جي پرچار لاءِ ميڊيا جو اهم ڪردار هجڻ گھرجي، هاڻي مثال ڏجي امن صحافت جو، امن جي صحافت جو باني ۽ نارويئن سوشلاجسٽ ”جان گلٽنگ“ سن 1965ع ۾ ”وار جرنلزم“ يعني جنگي صحافت کي رد ڪندي دنيا ۾ ”پيس جرنلزم“ يعني ”امن صحافت“ جو قلم استعمال ڪيو، جان گلٽنگ اهو واضع ڪيو هو ته جنگي صحافت ختم ڪري امن صحافت سان سماج اڏي سگهجي ٿو، امن صحافت سان دنيا ۾ امن قائم ڪري سگهجي، جان گلٽنگ پنهنجي تحقيق کان پوءِ ”امن صحافت“ جا ڪجهه اصول متعارف پڻ ڪيا، جن ۾ ويڙهه شروع ٿيڻ جا اصل سبب معلوم ڪرڻ، ظلم ۽ تشدد جون لڪيل حقيقتون ڇا آهن، ملوث ڌرين جي انفراديت کي ٽوڙڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ ان جي مفادن کي نروار ڪرڻ، هيٺئين سطح تي ٿيندڙ عدم تشدد جي واقعن جو اطلاع ڏيڻ ۽ مفاهمت جي مرحلن جي پيروي ڪرڻ، اهي سڀ شيون امن صحافت جا جُز آهي، جان گلٽنگ نه رڳو اهو واضع ڪيو پر هن اصولن تحت دنيا ۾ امن حاصل ڪرڻ جي ڳالهه پڻ ڪئي، دنيا ۾ هن لفظ يا مفهوم کي روشناس ڪرائيندڙ عالمي مبصر جان گلٽنگ ۽ روگي هن پهلو کي تمام سنجيده ورتو، انهن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ عالمي امن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا يا صحافي اڳيان اچي مثبت ڳالهيون نه ڪندا ته دنيا وقت سان گڏ جديد ٿيڻ بدران وقت کان اڳ تباهه ٿي ويندي، ڳالهه آخر اها ئي آهي ته جيڪڏهن معلوماتي اسٽورين ۾ به اسين جهيڙن ۽ تشددن جي ڳالهه ڪنداسين ته پوءِ سماج ۾ برايون پيدا ٿينديون ۽ دنيا کي نقصان ٿيندو، تشدد ۽ تضاد وارا جهيڙا عام ٿي ويندا، دنيا جي چرکي تان انساني نسل ائين فنا ٿي ويندو جيئن هزار سال اڳ ڊائناسور جا نسل ختم ٿي ويا ۽ جڏهن ڪو ادارو يا ڪا تنظيم عالمي سطح تي جنگين جا حامي هجن ٿا ته اهي ادارا ۽ تنظيمون معاشري ۾ صرف ۽ صرف ذهني بيماريون ڦهلائيندا، ان معاشري ۾ ترقي جو تصور ئي ممڪن ناهي، مشهور فلاسافر ارسطو انسان کي ”سياسي جانور“ ڪوٺيو هو، ان جو چوڻ هو تي انسان پنهنجن خيالن موجب هر روز ڪيترن ئي ذهنن کي قائل ڪري ٿو ۽ ترقي پسند سماج کي اڏي ٿو پر جيڪڏهن انسان امن کي ڇڏي تشدد، تضادن، جهيڙن جي پويان وڃي ٿو ته هو صرف سماجي جانور سڏيو ويندو، جيڪو صرف پاڻ تائين محدود آهي، دنيا جي عالمي ادارن ۽ ”امن جرنلزم“ جي پرچار ڪندڙ تنظيمن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ هر ان مسئلي تي سڌي ريت عالمي ادارن اڳيان ڏيکارڻو پوندو، جنهن ۾ ڪا به ڦيرڦار نه هجي، جيڪا رنگ، نسل ۽ ذات پات کان الڳ هجي، امن صحافت جو ڪم اتي ئي ختم نٿو ٿئي، امن صحافت خطي اندر نفرت کي ختم ڪري اهڙا موقعا پڻ مهيا ڪندي جنهن سان علائقائي امن ٿي سگهي، جيڪو نه صرف نظر اچي پر ان سان گڏو گڏ عام ماڻهون ساراهه پڻ ڪن، عالمي سطح تي قومن جي نمائندگي اهڙن فردن وٽ هجي جيڪي اصل موقف کي ٻيو رنگ ڏئي دنيا آڏو منفي پيغام پهچائين، ان مونجهاري واري صورت ۾ امن صحافت جو قيام سٺو سنئوڻ آهي، امن صحافت جو بنيادي مقصد ثقافتي ۽ سماجي تشدد نظر ٿيل اهڙو سماج جتي انسان رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهبي متڀيد جي ور چڙهيل هجي اتي امن صحافت جو مقصد سماج مان منفي اثر ختم ڪري ۽ مثبت ڳالهه کي همٿائڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو