33

انٽرنيشنل ڪموڊٽي ايڪسچينج ۾ ڪپهه جي اگهن ۾ گهٽتائي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪموڊٽي ايڪسچينج ۾ ڪپهه جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي جنهن جو سبب سيڙپڪارن پاران فيڊرل سپلاءِ اينڊ ڊيمانڊ رپورٽ جو انتظار ۽ ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح ۾ اضافو آهي. ايڪسچينج ۾ ڪپهه جا وقفي کان اڳ مارچ لاءِ سودا 0.41 سينٽ(0.5 سيڪڙو) جي گهٽتائي سان 79.36 سينٽ في پائونڊ ۾ طئه ٿيا. ايڪسچينج ۾ ڪپهه جي ڪل 23064 ڳٺڙين جو ڪاروبار ٿيو جيڪو گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 1028 گهٽ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو