243

انڊيا ۾ ڪورونا رپورٽ مثبت اچڻ ڪري گهوٽ ۽ ڪنوار جي انوکي نموني سان شادي ڪرائي وئي

 ممبئي ( ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا واري وائرس جتي عام ۽ خاص ماڻهن جي زندگي تي ڪيترائي اثر ڇڏيا آهن، اتي ڪيترين ئي خوشين کي مُرجهائي ڇڏيو آهي، اهڙو ئي هڪ مثال انڊيا ۾ پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ جوڙي جي شادي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي پر  ڪنوار ۽ گهوٽ جي  ورتل ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ ڪري انهن کي ڪورونا کان بچاءُ واري ڪٽ پارائي شادي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون جنهن ۾ گهوٽ، ڪنوار ۽ ٻن ٻين ماڻهن تي مشتمل تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو