138

انگور وارو شراب پيئندو آهيان، ڪيتريون ئي گرلز فرينڊز آهن: مفتي قوي

اسلام آباد(م ڊ) تڪراري وڊيوز جي حوالي سان مشهوري ماڻيندڙ مفتي قوي جي هڪ وڌيڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ کاڌي جي ميز تي حريم شاهه سميت ٻيون عورتون ويٺل آهن، جيڪي ماني کائي رهيون آهن، مفتي قوي وائرل ٿيل وڊيو ۾ اهو اعتراف ڪري ٿو ته  انگور وارو شراب پيئندو آهيان، منهنجيون ڪيتريون ئي گرلز فرينڊز آهن، پارٽي ۾ پنجن قسمن جا شراب هوندا، مان ڳاڙهي بوتل پيئندو آهيان، ڳاڙهي بوتل ۾ انگور هوندا آهن، چون ٿا دل جي لاءِ اها سٺي هوندي آهي، هن چيو ته ڪيتريون ئي گرل فرينڊز آهن، قرب ۾ ويهڻ عورتن جي خواهش آهي، مون کي چماٽ حريم شاهه جي سيڪريٽري هنئي هئي، ان جو مقصد وڊيو وائرل ڪري لک 2 لک رپيا ڪمائڻا هئا، ٻئي طرف ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه وري اهي ڳالهيون ڪري رهي آهي ته مفتي قوي کي ڪراچي ۾ ٽي وي پروگرام ۾ گهرايو ويو، ان جي سفر ۽ رهائش جا خرچ مون برداشت ڪيا، مفتي قوي کي چماٽ منهنجي سئوٽ هنئي هئي، وڊيو مون ٺاهي هئي، هن مون سان ڪنيون ڳالهيون ڪيون، جسماني طور هراسان ڪيو، تڏهن کيس چماٽ هنئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو