واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نائين اليون حملي کي 20 سال مڪمل ٿيڻ تي القاعده سربراهه جو وڊيو پيغام سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو آهي، خانگي ٽي وي موجب اها تصديق ناهي ٿي سگهي ته اهو وڊيو پيغام ڪڏهن جو آهي ۽ ڪهڙي هنڌ تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي، وڊيو پيغام ۾ القاعده سربراهه ايمن الظواهري چيو ته اولهه ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ سندن اتحادين خلاف جنگ جاري رهندي، القاعده جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن انهن طاقتن خلاف ڀرپور جنگ ڪن، جڏهن ته 60 منٽن جي وڊيو ۾ القاعده اڳواڻ پنهنجن ويڙهاڪن کي هدايتون پڻ ڏنيون.
113