225

اوٻاوڙي ۾ سنڌ سڀاءَ جي قافلي تي پوليس ڪڙڪي پئي، تشدد، نياڻين سميت 30 ڄڻا گرفتار

اوٻاوڙو (رپورٽ: آصف سمون) سنڌ ۽ بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان نڪتل پيدل سنڌ سڀا جي قافلي حڪومتي ۽ رياستي ڏاڍ سبب چئن ڏينهن کان اوٻاوڙو ۾ ترسڻ بعد جڏهن پنهنجي اعلانيل منزل لاءِ روانو ٿيو ته شھر کان ھڪ ڪلوميٽر پري بجلي گرڊ وٽ پوليس جي درجنين موبائيل گاڏين کين گھيرو ڪري اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن سبب قافلي جي پانڌيئڙا اُتي ئي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ سڄو ڏينهن پوليس ۽ سنڌ سڀاءَ جي پيدل پانڌيئڙن ۾ ڇڪتاڻ ھلندي رھي. سنڌ سڀاءَ جي ڌرڻي باوجود ٽريفڪ جاري رھي، پانڌيئڙن ڪوبه ٽريفڪ ۾ خلل نه وڌو. جڏهن ته شام دير سان سنڌ سڀاءَ جي پانڌيئڙن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي، پوليس ۽ پانڌيئڙن ۾ ڇڪتاڻ بعد ٻئي ڌريون ھٿين پئجي ويون، پوليس اهلڪارن پانڌيئڙن کي کنڀي گھلي پوليس موبائيلن ۾ وجھي کڻي ويا. انعام عباسي، نور سنڌي سميت 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس ڪئمپ ڊاھي پٽ ڪئي ڪري ڇڏي. جڏهن ته پانڌيئڙن جي سيڌي سامان واري بس کي به پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. گرفتاري کان اڳ  سنڌ سڀاءَ جي اڳواڻ انعام عباسي چيو ته اوٻاوڙو پوليس اسان کي ڪرونا بهاني اسان جو رستو روڪيو آهي، اسان جي قافلي کي پنجاب وڃڻ نٿو ڏنو وڃي. جڏهن ته گرفتارين کان اڳ قافلي جي عورت اڳواڻ سنڌو چانڊيو روئيندي رهي ۽ قوم پرستن کي مدد لاءِ پڪاريندي رهي. هن چيو ته ٻچڙا به اسان جا گم آهن، ظلم ۽ زيادتيون به اسان سان ڪيون پيون وڃن، هي ڪٿان جو انصاف آهي، اسان آخر ڪنهن کي دانهن ڏيون. جڏهن ته اڳواڻن جي گرفتارين سبب قافلو پنڊي نه وڃي سگهيو. هوڏانهن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج کانپوءِ پوليس مجبور ٿي گرفتار نياڻين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس پاران ٻڌايو پيو وڃي ته انعام عباسي کي هالا پوليس کڻي وئي آهي، جتي مٿس ڪيس داخل ٿيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو