259

اوڏيرولال کان قيصر سينهڙو تائين روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

اوڏيرولال(ن سوڀ) اوڏيرولال وليج کان قيصر سينهڙو تائين روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ طاهر هنڱورو، نوبت مري، الهه بخش ميرجت، ٻڍو مڱريو، ڍالو خاصخيلي، فيض محمد هنڱورو، چنيسر خاصخيلي، عرضي هڪڙا، هاشم ساند، دين محمد هنڱورو، رهاڻ مري، اوٺو مري، بچل ورياهه سميت 30 کان مٿي ڳوٺ جي ڳوٺاڻن محمد زبير هنڱورو، نور حسن هڪڙو، حزب الله، ياسين، حق نواز ميرجت، غلام قادر ڇٽو، محمد يوسف هنڱورو، محمد ساند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي اوڏيرولال وايه قيصر سينهڙو روڊ کي ٽن ڪلاڪن تائين ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن صحافين کي ٻڌايو ته 19 ڪروڙ رپيا روڊ جي مرمت لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن پر ٺيڪيدارن پاران روڊ جي مرمت ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪرڻ بعد ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، جنهنڪري اسان کي سفري سهولتن ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جڏهن ته روڊ جي دز سبب ڪيترائي علائقي واسي مختلف بيمارين ۾وڪوڙجي ويا آهن، جڏهن ته حادثا معمول بڻجي ويا آهن. احتجاج ڪندڙن چيو ته بار بار دانهن باوجود ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر روڊ جو ڪم شروع نه ڪرايو ويو ته ڊي سي آفيس مٽياري اڳيان بک هڙتال ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو