102

او پي ايس، اضافي چارج ۽ لڪ آفٽر چارج تي ويٺل 18 ڪامورا هٽايا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  تعليم کاتي جي اختيارين عدالتي حڪم بعد او پي ايس، اضافي چارج ۽ لڪ آفٽر چارج تي ويٺل 18 ڪامورن کي هٽائي ڇڏيو. 19 هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد شمس دل کان 20 گريڊ جي ڊائريڪٽر شهيد بينظير آباد وارو عهدو واپس ورتو ويو آهي. ان کانسواءِ 19هين گريڊ جي ڊي اي او سينٽرل تحسين فاطمه کان ڊائريڪٽر سيڪنڊري ڪراچي ۽ ساڳئي گريڊ جي ڊي اي او پرائمري سائوٿ صبا محمود کان ڊائريڪٽر جي 20هين گريڊ واري پوسٽ واپس ورتي وئي آهي. هوڏانهن 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊي اي او ملير مشتاق ميمڻ کان ڊي اي او پرائمري ملير وارو عهدو به واپس ورتو ويو، جڏهن ته شهيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڊي اي قربان راهو کان ڊي اي او جي 19هين گريڊ وارو عهدو واپس ورتو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو