28

ايران تي پابندين جي حوالي سان هاڻوڪي آمريڪي انتظاميا ٽرمپ جي واٽ تي هلي رهي آهي: جواد ظريف

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف آمريڪي انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جوبائيڊن انتظاميا ايران تي دٻاءَ وجهڻ لاءِ پابندين جي هٿيار کي استعمال ڪندي ٽرمپ جي نقش قدم تي هلي رهي آهي. جواد ظريف پنهنجي ٽوئيٽس ۾ چيو آهي ته اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتو هاڻي ايران کان ان ايٽمي معاهدي جي احترام جي گهر ڪري رهيو آهي، جنهن تان ٽرمپ انتظاميه دستبرداري اختيار ڪئي هئي. هن چيو ته جوبائيڊن انتظاميا ٽرمپ جي نقش قدم تي هلي رهي آهي ۽ ايران تي پابندين کي دٻاءَ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو