ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڪوٽڙي، ڄامشورو ۽ شھدادڪوٽ سميت مختلف ضلعن جي ايس يو پي ڪارڪنن مٿان پوليس پاران ڪٽيل ايف آئي آر جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ايس يو پي سربراهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي نياڻين جي تذليل ۽ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ايس يو پي پاران ڪيل ڀرپور احتجاج سبب سنڌ حڪومت بوکلائجي وئي آهي ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي، گذريل 13 سال سنڌ جي عوام سان مذاق ڪيو ويو آهي، ادارا تباهه حال آهن، پوليس کي سياسي بڻايو ويو آهي، اظهار جي آزاديءَ تي بندش آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايس يو پي سميت سنڌ جا قومي ڪارڪن لاوارث ناهن. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ايس يو پي ڪارڪنن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آر واپس ورتيون وڃن.
