150

ايس پي اسلام آباد چوڌري يحييٰ ورڪ لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايس پي اسلام آباد چوڌري يحييٰ ورڪ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. رپورٽن مطابق ايس پي اسلام آباد چوڌري يحييٰ ورڪ ڪينسر جي بيماري ۾ ورتل هو، جنهن 52 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. يحييٰ ورڪ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري توڪل ورڪ جو پٽ ۽ ايم اين اي شاهنواز رانجها جو ڀيڻيوو هو. مرحوم سوڳوارن ۾ هڪ پٽ ۽ 2 ڌيئرون ڇڏيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو