اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر وٽ پوائنٽ آف سيل مشينن جي نگراني جو نظام نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ موجب سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سليم مانڊي والا جي سربراهي ۾ ٿيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين سليم مانڊي والا چيو ته ناڻي واري وزير کي ڪاميٽي جي سفارشن ۾ ڪا به دلچسپي ناهي،جڏهن ڪو خريداري ڪري ٿو ته رسيد ايف بي آر انعامي اسڪيم ۾ رجسٽرڊ ڪرائيندو آهي، ڪجهه مشينن ۾ ٽيمپرنگ ٿيند آهي، جنهن سان اصلي سيل جو پتو ناهي پوندو، ايف بي آر وٽ اصل سيل جو پتو لڳائڻ جو نظام هجڻ گهرجي.
104