بلاول ڀٽو زرداري جو وفاقي گهرو وزارت جو دورو، شهيدن جي وال تي ماءُ جي تصوير لڳائي وئي
اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گهرو وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي والده ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي تصوير شهيدن جي ديوار تي لڳائي. نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي حڪومتي پاليسين سبب ملڪ اڄ دهشتگردي جو شڪار آهي، ماضي ۾ دهشتگردن کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو. |