ابوظهبي/سيالڪوٽ(م ڊ) ڀارتي فوج جي ايل او سي تي گڏيل قومن جي گاڏي تي فائرنگ، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته گاڏي ۾ گڏيل قومن جا 2 مبصر موجود هئا، ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي گڏيل قومن جي گاڏي کي نشانو بڻايو آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انڊيا پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تياري ڪري رهيو آهي، رپورٽ موجب ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول جي چري ڪوٽ سيڪٽر تي اڳرائي ڪندي فائرنگ ڪئي، ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي گڏيل قومن جي گاڏي کي پڻ نشانو بڻايو، گاڏي ۾ گڏيل قومن جا 2 مبصر موجود هئا، جيڪي پولاس ڳوٺ جي متاثرن سان ملڻ وڃي رهيا هئا، ٻئي مبصر محفوظ رهيا، ٻنهي کي پاڪ فوج حفاظت سان راولا ڪوٽ منتقل ڪيو، ڀارتي فوج جي فائرنگ سان گڏيل قومن جي گاڏي کي نقصان پهتو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ گهرجي ته گڏيل قومن جون گاڏيون واضح طور تي پري کان سڃاتيون وينديون آهن، ڀارت جي اهڙي غير قانوني ڪارروائي سمورن طئي ٿيل بين الاقوامي قدرن جي خلاف آهي، ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ابوظهبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته انڊيا پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ جي تياري ڪري رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڊس انفوليب رپورٽ ڀارتي سازشن تان پردو کنيو آهي، انڊيا پنهنجن اندرين مئسلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏڻ چاهي ٿو، والاريل ڪشمير ۾ حالتون انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪيون آهن، ڀارتي سازشن کان آگاهه آهيون، اسان ڀارت کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن هن ڪنهن به قسم جي اڳرائي ڪئي ته کيس ڀرپور منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته ڳجهن ذريعن کان اهو پتو پيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي ۽ اها هڪ انتهائي سنجيده اڳڀرائي آهي، مون کي اهي به اطلاع آهن ته انهن اهم ”کلاڙين“ کان ان جي منظوري وٺڻ جي لاءِ رابطو به ڪيو آهي جنهن کي هو پنهنجو پارٽنر تصور ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڀارت اهو منصوبو انتهائي اهم اندرين مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيو آهي، اها به حقيقت آهي ته اقليتي اتي لڳاتار بي چيني جو شڪار آهن.
