201

ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان عباسي فرد جرم ۾ ترميم جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايل اين جي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فرد جرم ۾ ترميم جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، عمران الحق ۽ ٻين جواندارن تي 26 صفحن تي ٻڌل فرد جرم لاڳو ڪيو هو، شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ريفرنس ۾ فرد جرم ۾ ترميم لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي اپيل ڪئي وئي آهي ته احتساب عدالت کي فرد جرم ۾ ترميم جون هدايتون جاري ڪيون وڃن، ريفرنس جو مڪمل رڪارڊ به فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهد خاقان عباسي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪندي، جڏهن ته ٻڌڻي 15 اپريل تي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو