321

ملتان: اليڪشن ڪميشن آفيس تي پٿراءُ، پي ٽي آءِ جو عامر ڊوگر ڪارڪنن سوڌو گرفتار

ملتان: اليڪشن ڪميشن آفيس تي پٿراءُ، پي ٽي آءِ جو عامر ڊوگر ڪارڪنن سوڌو گرفتار

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان پوليس اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آفيس تي پٿراءَ ۽ جهيڙي جي شڪايت تي تحريڪ انصاف جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ عامر ڊوگر سميت 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر ترجمان موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي نوٽيس تي سي پي او ملتان ڪارروائي ڪندي آفيس ۾ جهيڙو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ترجمان موجب رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ جهيڙي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر سي پي او کي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪري رپورٽ فوري طور جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته سي پي او ملتان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر کانپوءِ وڌيڪ گرفتاريون جاري آهن.
پوليس ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي ملڪ عامر ڊوگر سميت 15 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو