137

اين آر او ڏيڻ جي دير آهي پوءِ مخالف ڌر چوندي ته عمران خان زبردست ماڻهو آهي: وزيراعظم

ڪوٽلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر کي اڄ اين آر او ڏيندس ته اها چوندي ته عمران خان جهڙو زبردست ماڻهو ڪو به ناهي جنهن ڪشمير جي ڳالهه ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪوٽلي ۾ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪوبه اڄ تائين آبادي خلاف کٽي ناهي سگهيو، تاريخ کڻي ڏسي وٺو ته جڏهن قوم آزادي وارو فيصلو ڪري وٺي ته ڪوبه گهڻي دير تائين ان کي غلام بڻائي نٿو سگهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج نه هجي ها ته هو آزاد ٿي چڪو هجي ها، مودي 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو آزادي لاءِ بيٺل آهن، ڪشميري قوم 5 آگسٽ کانپوءِ آزادي لاءِ اڃا وڌيڪ پرعزم ٿي وئي آهي، والاريل ڪشمير وارو معاملو گڏيل قومن ۽ سڄي دنيا ۾ اٿي چڪو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت فيٽف ۾ پاڪستان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام رهيو، اسان جي پرڏيهي پاليسي جي ڪري دنيا ۾ پاڪستان جي مقبوليت اڳ کان به وڌي وئي آهي، دنيا ۾ اهو شعور پيدا ٿي ويو آهي ته ڪشمير ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، 50 سالن ۾ اڄ تائين سلامتي ڪونسل ۾ 3 ڀيرا ڪشمير تي ڳالهيون ناهن ٿيون پر اسان جي دور ۾ ٿي، ان جو مطلب آهي ته معاملو عالمي سطح تي اڀري چڪو آهي، حالتون جنهن طرف وڃن پيون  اهي هندوستان لاءِ مشڪل هونديون، اسان هندوستان کي ٻيهر به چيو ته اسان سان ڳالهيون ڪريو، ڀارت آرٽيڪل 370 بحال ڪري ڳالهيون ڪري ته اسان تيار آهيون، ڳالهين کانسواءِ ڀارت کي اڳيان وڌڻ لاءِ رستو ناهي. هن چيو ته مان مخالف ڌر کي اڄ اين آر او ڏيندس ته اها چوندي ته عمران خان جهڙو زبردست ماڻهو ٻيو ڪو ناهي، جنهن ڪشمير تي ڳالهايو، اهي لانگ مارچ به ڪري وٺن، کين جيڪا مرضي آهي ڪري وٺن، ماڻهو چورن لاءِ روڊن تي ناهن نڪرندا، ٻين ملڪن ۾ ماڻهو حڪومتي ڪرپشن خلاف روڊن تي نڪتا آهن، اڄ تائين ڪوبه ڪرپشن بچائڻ لاءِ نڪتو آهي؟ هن چيو ته نواز شريف پاڻ ٻارن سان گڏ ٻاهر ويٺو آهي، ڀاءُ جا ٻار به ٻاهر آهن، سندس منشي به ٻارن سان گڏ ٻاهر آهي، اهي ٻاهر ڇو ويٺا آهن؟ هو ماڻهن کي بيوقوف سمجهن ٿا، جيڪي ماڻهن کي بيوقوف سمجهن ٿا ان کان وڌيڪ ڪو بيوقوف ناهي، ٻاهر ويٺل ماڻهن کي واپس آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي، ان ۾ شايد دير لڳندي پر ڪوشش پوري ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو