184

اين اي 221 تي ننڍي چونڊ: امير علي شاهه ۽ نظام الدين راهمون وچ ۾ مقابلو، ووٽنگ وارو عمل جاري، هڪ پولنگ اندر باهه، ووٽرن ۾ ڀاڄ، 4 ڄڻا گرفتار

مٺي (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر جي قومي تڪ اين اي 221 تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ وارو عمل جاري آهي، ڄاڻايل تڪ تي پ پ اميدوار امير علي شاهه ۽ پي ٽي آءِ اميدوار نظام الدين راهمون وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، چونڊ دوران 318 پولنگ اسٽيشنز تي 2 لک 81 هزار رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو. ننڍي چونڊ جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڇاڇري جي قيصرار سمون ۾ گورنمينٽ بوائز اسڪول واري پولنگ اسٽيشن ۾ باهه لڳي وئي، جنهن دوران ووٽرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار جو چوڻ آهي ته باهه حادثاتي طور تي لڳي، جنهن سبب بيلٽ باڪس سڙي ويا آهن، جڏهن ته بيلٽ پيپر محفوظ آهن. ايس ايس پي حسن سردار مطابق باهه لڳڻ سبب پولنگ وارو عمل متاثر ٿيو آهي، جنهن بابت اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته باهه لڳڻ واري واقعي کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ امان الله سمون سوڌو 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو