اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين اي 75 تي ننڍي چونڊ لاءِ مقرر رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن آڏو بيان ڏيندي چيو آهي ته اين اي 75 ۾ ڪي به نتيجا تبديل ناهن ٿيا. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ اين اي 75 جي ننڍي چونڊ جي نتيجن جي حوالي سان ن ليگ اميدوار نوشين افتخار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نوشين افتخار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا اين اي 75 تي ٻيهر پولنگ جي اپيل ڪئي. هن پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڳالهه رڳو 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر پولنگ جي ناهي، اليڪشن ڪميشن جي پريس رليز تاريخي دستاويز آهي، پريس رليز ۾ اعليٰ ترين سطح تي ڌانڌلي جي نشاندهي ڪئي وئي، هي پهرين چونڊ آهي جنهن ۾ 20 رٽرننگ آفيسر گم ٿيا، پولنگ دوران ۽ بعد ۾ آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب سميت سڀ ئي گم رهيا، سمورا گم ٿيل پرزائيڊنگ آفيسر گڏجي سامهون آيا، جنهن ڊي ايس پي کي اليڪشن ڪميشن هٽايو هو ان کي ايس پي بڻائي مقرر ڪيو ويو، اين اي 75 ۾ فائرنگ ٿي، جنهن سان ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون، اليڪشن ڪميشن کي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ کان روڪيو ويو. اين اي 75 جي رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿي پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. رٽرننگ آفيسر اليڪشن ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو ته اين اي 75 ۾ ڪي به نتيجا تبديل ناهن ٿيا، جيڪي نتيجا بعد ۾ مليا اهي ساڳيا ئي هئا جيڪي واٽس ايپ تي اچي چڪا هئا، ڪجهه پرزائيڊنگ آفيسرن جا نتيجا واٽس ايپ تي ان وقت ئي اچي چڪا هئا، ڪجهه نتيجا صبح 6 وڳي جڏهن ته ڪجهه نتيجا 7 وڳي مليا، رات جو ساڍي ٽئين وڳي ليگي اميدوار شڪايت ڪئي، جنهن تي ڊي ايس پي ڊسڪا کي پرزائيڊنگ آفيسرن سان مقرر پوليس اهلڪارن سان رابطي جو چيو ويو، پوليس آفيسرن جو به مقرر عملي سان رابطو نه ٿي سگهيو. چيف اليڪشن ڪمشنر پاران پڇاڻي تي رٽرننگ آفيسر چيو ته صبح 3 لڳي 37 منٽن تائين 337 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا آر ايم ايس ۾ جمع ٿي چڪا هئا، 20 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا نه ملي رهيا ۽ انهن سان رابطو به نه ٿي رهيو هو، هڪ پرزائيڊنگ آفيسر کان سواءِ ڪنهن جو به نمبر نه پيو لڳي، هي سموريون پولنگ اسٽيشنون 30 کان 40 ڪلوميٽر جي آڳنڌ ۾ آهن، ان رات موسم به خراب هئي، پرزائيڊنگ آفيسرن کي گاڏيون ڏنل هيون، اهو ممڪن نه هو ته پرزائيڊنگ آفيسر اڪيلو هجي، ان سان گڏ پوليس به هئي، 4 پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن تي پرزائيڊنگ آفيسر جي صحيح ٿيل آهي، ڪجهه پولنگ اسٽيشنز جي نتيجن ۾ آڱوٺن جا نشان ناهن. پنجاب ميمبر الطاف قريشي پڇاڻو ڪيو ته ڇا موبائل ڪمپنين کان پرزائيڊنگ آفيسرن جي لوڪيشن معلوم ڪرائي؟ جنهن تي رٽرننگ آفيسر چيو ته ڊي پي او جو نمبر بند هو ۽ ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو. چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته جڏهن اوهان رابطو ڪيو ته پريشان هئا، توهان چيو هو ته اسان جي حياتي کي خطرو آهي، ڇا انتظاميا اوهان سان سهڪار نه ڪيو هو؟ جنهن جي جواب ۾ رٽرننگ آفيسر چيو ته آر او آفيس ۾ نعريبازي ٿي رهي هئي، ڪارڪن ڀتين تي چڙهيل هئا، هجوم وڏو هو، ان لاءِپريشان ٿي وياسين. اليڪشن ڪميشن آر او جي رپورٽ ڌرين کي ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
