26

اين ٽي ايس ۽ اقرا ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جو فيصلو، اسڪروٽني لاءِ ڪاميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اين ٽي ايس ۽ اقرا ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جو فيصلو، اسڪروٽني لاءِ ڪاميٽي قائم، ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم کاتي اين ٽي ايس ۽ اقرا ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اسڪروٽني لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪاميٽي سمورا ڪيس ويريفاءِ ڪري ضلعي وائيز مستقلي لاءِ سفارشون ڏيندي، ان حوالي سان سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري جو چوڻ آهي ته سمورو عمل ٻن هفتن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ٻن ضلعن جا استاد ٻه ڏينهن اڳ ۾ ريگيولر ڪري چڪا آهيون، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي جيڪي ڪانٽريٽ تي آهن اهي ڪانٽريڪٽ جو مدو پورو ٿيڻ تائين صبر جو مظاهرو ڪن، سندس ڪيسن تي به غور ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو