7

ايون فيلڊ ريفرنس: ڌريون پنهنجو پنهنجو مواد گڏ ڪن، فيصلو ڪرڻو آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورورپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر پيش ٿيا، جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته هي 26هين ٻڌڻي آهي، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي، اسان به جوابدار آهيون، نوازشريف جو ڪيس تڏهن ڏسنداسين جڏهن موٽي ايندو، جون جي پهرين هفتي کان اپيل تي ٻڌڻي شروع ڪنداسين، اميد آهي ته ٻن کان ٽن هفتن ۾ معاملو اڪلائي ڇڏينداسين، ڌريون پنهنجو بارودي مواد گڏ ڪن، جڏهن ته مريم نواز جي وڪيل عرفان قادر دليل ڏيندي چيو ته 4مهينن ۾ نيب هر تاريخ تي نئون پراسيڪيوٽر کڻي اچي ٿي، دليل تقريبن مڪمل ٿي چڪا آهن، هاڻي وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي، جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته اهو ذهن ۾ رکو ته وڪيل جي تبديل سان ڪو به فرق نه پوندو عدالت ڌرين کي تياري جي لاءِ وقت ڏيندي ٻڌڻي 2جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو