ليکڪ: علي دوست عاجز
سائين پارس حميد جو نالو، اسان جي ڪَنن ۾ ايتري وقت کان پيو ٻُري، ڄڻ ته اهو ننڍڙي لاءِ کان پيا ٻُڌندا اَچون! ساڻس ملاقات هاڻي ويجهڙائيءَ ۾ هتي حيدرآباد ۾ ٿِي. کيس ڏِٺوسين، ٻُڌوسين، ڇُهِي ڏٺوسين- ڏٺوسين ته، هي به پارس نه هو- هي به اهڙو ئي هو، جهڙو آهي. جيڪو هاڻ عُمر جي ان حصي ۾ داخل ٿي چُڪو هو، جنهن ۾ ماڻهو ڪجهه گهٽ ئي روئي سگهندو آهي!پارس ڄائو ته پاڪستان کان ڏهه سال بعد ۾ آهي، پر لڳندو اِيئن، ڄڻ پاڪستان کان ڏهه سال پهريان پئدا ٿيو هُجي!ماڻهوءَ جا ٻيا سُورَ نظر ايندا هُجن يا نه، پر چيلهه جو سُورُ پري کان ئي نظر ايندو آهي- ۽ ماڻهو ڪمانَ جي مصداق ٿي ويندو آهي. هڪ اهڙي ڪمانَ، جنهن جا سڀ تير هلائجي چُڪا هوندا آهن. کيس ايندو ڏسي، قمر جلالوي جو اهو شعر ياد اچي ويندو آهي ته:
قمر! يه ڪمر جُهڪي نهين، وجه پِيري سي،
مين تو جُهڪ جُهڪ ڪي ڍُونڍتا هون، جواني ڪِڌر گئي!
ڪلاڪار، فنڪار، شاعر پنهنجي فزيڪل عُمر کان وڌيڪ پنهنجي ڪم ۾ جيئندا آهن- ان کان اڃا وڌيڪ اُهي، جن کي دلين ۾ جاءِ ٺاهي، ويهي رهڻ جو هُنر اچِي ويندو آهي.هڪ ڏينهن سندس فرزند دانيال پارس، پنهنجي قيمتي ڪئمرا سان منهنجا ۽ سندس جا، کوڙ سارا فوٽو ڪڍي ويو- گهڻو پوءِ اهي تصويرون، جڏهن ڪنهن کي هٿ لڳي وينديون، ته ان کي منهنجِي ڀر ۾ ويٺل سائين پارس حميد جي زندگيءَ سان ڀريل، مُرڪندڙ چهري جا نقشَ، ڪجهه هن طرح نظر ايندا:
”پيشانيءَ تي اَڻ لَکِي گُهنج سان، گهُورَ کي گهرو ڪري ڇڏيندڙ چپن کان وٺِي سڄي چهري تي ڦهليل مُرڪَ، ڪُشادِي پيشاني، پُٺتي وَرايل هلڪڙا ڪارڙا وار، اَڇُون مُڇون چپن جي ٻنهي ڪُنڊن کان ٿورو هيٺ لٿل، مُنهن معتدل کاڏيءَ طرف هيٺ ٿورو سَنهو، برائون شرٽ، شرٽ جي اڳيين کيسي مان، نظر وارِي عينڪ جِي ٻانهن لَڙڪندڙ!“ ۽ هن وقت هي تصوير ڏسي، اوهان کي اوهان سان سندس فون تي ڪيل، آخري گُفتگو ياد اچِي ويندِي:
”سائين سلام عليڪم! ڪهڙا حال آهن!؟… هن پاسي، ڀاءُ جي گهر آيو هئس، سوچيم، گهر آهيو، ته اوهان سان مِلندو وڃان“!ڳوٺ، تَر جي مشاهيرن بابت سندس معلومات ٻُڌي، لڳندو ڄڻ ڪا اِنسائيڪلو پيڊيا هجي!هي ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ حاجِي چوي ئي ڪونه! ڀلي اهو به کيس قاضي نه چوي. ڇو ته هن کي ان ڳالهه جي پرواهه ڪانهي، جو هي پاڻ ڄائي ڄم کان وٺي قاضي آهي!سندس ڏاڏاڻا خانواهڻ ڏيهه جا، ته ناناڻا ساهَه سيباڻا لاڙڪاڻي جا آهن- ايئن درياهه جا ٻئي پارَ، هن لاءِ رڳو ڪچي جو سرسبز علائقو ناهن، پر اهڙا ڳورا پار آهن، جهڙا سهڻيءَ کي لڳندا هئا!ڳورا ٻئي پار، هِنيون حيرت ۾ پيو! جي لاڙڪاڻي شهر ڏي اُستاد گلزار علي خان سندس مامو ٿي ٻُجهيو، ته خانَ جي واهڻ ڏي وري رفيق ”سيال“!هن جي ڪِرت به عجيب آهي-”هي پنهنجي جنم ڏينهن تي، ميڻ بتيون هٿن تي ٻاري، پنهنجن ڳوڙهن سان وِسائيندو آهي!“”زندگيءَ جي ڏينهن کي ماپيل ڪپڙن وانگر سمجهندو آهي“!”يادگيريءَ جو ايترو ڪچو آهي، جو کيس مرڻ وارو ڏينهن به ياد ناهي“!”دل وارن ماڻهن سان شَبدن جي ڪناري مليو، اکين جون آيتون پڙهيو وٺي“!
هن جا سي ئي ڏينهن سکر هئا، جيڪي هن سکر ۾ نوڪريءَ سانگي گذاريا- ادبي توڙي ذاتي زندگيءَ جو درياءُ، هن جي ٻنهي پاسن کان ايئن پيو وهندو هو، جيئن ساڌ ٻيلي جي پاسن کان پيو وَهندو هو! اياز گُل، ادل سومرو، ڪيلاش، رسول ميمڻ هن جي زندگيءَ ۾ ايئن آيا، جيئن هڪ نديءَ ۾ ٻِي ندي شامل ٿي ويندي آهي! پارس حميد جي سڃاڻپ، پنهنجي ذات کان سواءِ، نثري نظم جي شاعر طور آهي. سندس شمار نثري نظم جي جديد شاعرن ۾ ڪيو پيو وڃي. سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم کي، جيترو گهڻو space ملندو، پارس حميد ايترو وڌيڪ چِٽو نظر اچڻ لڳندو! هن ڪنهن کي ڇُهِي، لوهه مان سونُ ڪيو آهي الاءِ نه، سا ته خَبر ڪانهي- البت هي ڪنهن کي ڇُهي، اهو يقين سان چئِي سگهي ٿو، ته اهو سونُ آهي يا نه!!