ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو
ھونئن ته دنيا ۾ ڪيترائي رشتا ناتا آهن، جن رشتن ناتن سان دنيا جو وھنوار ھلي رھيو آھي، پر هڪ رشتو اھڙو به آهي جنهن کان بغير شايد ڪوبه رشتو مڪمل ناهي ۽ جيڪڏھن آهي ته اڌورو، اڻپورو ۽ کوکلو، جئين ڪاغذ جي ٻيڙي، سوُ ھر رشتي ناتي کي مڪمل ۽ پائيدار بڻائي ٿو صرف هڪ ئي رشتو، جنهن کي دوستي چئبو آهي، ھي پنجن اکرن جي ميلاپ سان ٺھيل دوستي لفظ ڪيڏو نه انمول ۽ بي بھا آهي، جيڪڏھن اولاد ۽ والدين وچ ۾ دوستي ناهي ته اھوُ رشتو به کوکلو آهي، جيڪڏھن زال مڙس وچ ۾ به دوستي ناهي ته تڏهن به اهو کوکلو بڻجو پئي، جيڪڏھن ڪنھن وٽ سچو دوست ناهي ته اھو دنيا جو بدقسمت انسان آهي، انڪري جو دوستي انسان کي نکاري ٿي، ھڪ ٻئي سان بھترين شيئرنگ جو عمل دوستي مان پيدا ٿئي ٿو، گڏ کائي گلا ڪندڙ انسان ۽ دوستي جي ناتي ۾ هئين لڪي پٺيان وار ڪندڙ انسان ڪڏهن به ڪنهن تاريخ ۾ دوستي جي ناتي سان نه لکيو ويندو آهي، اهو ڪم منافق انسان جو هوندو آهي جيڪو سدائين گلا ڪرڻ ۾ مصروف هوندو آهي، جيڪو هر وار ڪنهن دوست کي نظر انداز ڪندو رهندو آهي، منافق دوست جي اهي نشانيون هونديون آهن ڪنهن دوست تي ٽوڪ ڪرڻ ۾ به دير ناهي ڪندو، ڪنهن دوست کي ڪنهن ڀري محفل ۾ طنز ڪندي به ناهي دير ڪندو، اهڙي قسم جي دوست مان ڪڏهن به سچائي ۽ وفا جي اميد نه ٿي رکي سگهجي، اهڙي منافق دوست کان اهو دشمن به ڀلو آهي جنهن ۾ ڪا اميد ناهي هوندي جنهن جو هميشه انسان کي ذهن ۾ کٽڪو هوندو آهي ۽ ايترو جتن ڪري هلندو جنهن جو آسرو نه هئڻ سبب انسان پنهنجي هلڻ جي همٿ رکندو آهي پر اها منافق دوست جي به ڀل هوندي آهي ته مون کان سواءِ ڪير اڪيلو نه هلي سگهندو آهي، جيئن سنڌي ۾ هڪ چواڻي آهي ته جيڪو سلوار ڌاري ٿو اهو اڳٺ ڌارڻ جي به همٿ رکي سگهي ٿو ته هن چواڻي مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪو به انسان هن ڌرتي تي آيو آهي پوءِ ڀلي اهو ڪيترو به غريب ڇو نه هجي پر پنهنجي ايترو هو به هلڻ جو حوصلو رکي ٿو جو اهڙن منافقن کي به منهن ڏئي پيو هلندو آهي، مٺو ٿي ڳالهائيندڙ ۽ اڳيان پويان ٿيڻ وارو دوست يا سنهي ڪرڻ واري دوست هيمشه ان تصوير جيان ئي هوندا آهن جيڪي هر وقت پنهنجي مٺي منافقت سان ڀريل هوندا آهن، منهن تي ته مٺو هوندو آهي پر اندر ۾ اهڙا ڪاريهر پاليل هوندا آهن جو هميشه پنهنجو موقعو پيو ڳوليندو آهي ۽ هر وقت سچي دوست کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيئن حربا هلائيندو آهي ته ڪٿي من ڪنهن ڳالهھ ۾ ڦاسي اهڙو دوست هميشه پنهنجي مفاد تائين ٻڌل هو ندو آهي، دوست اهو ڀلو آهي جيڪو ڪيڏو به ڀلي جذبات هجي ڪنهن اهڙي موقعي تي ڪنهن به ڳالهھ تان ڀلي اوهان سان ڪيترو به منهن تي وڙهي وڃي پر اهو دوست ڪڏهن اوهان جي لاءِ نيت بد نه ڪندو ۽ ڪڏهن ڪا غلط سوچ نه رکندو ۽ نه ئي ڪٿي ڪنهن به دوست سان ڪنهن منزل ۾ دوکو ڪندو، اهو دوست اوهان سان صرف ان ڳالهھ جي وڙهندو آهي جو اوهان دوستي جي ڪنهن راھه تي غلط هوندا آهيون ۽ هو اوهان کي هدايت ڪندو آهي پر اها هدايت اسان کي غلط لڳندي آهي، اڄ جي زماني ۾ اهڙا سچا دوست ملڻ مشڪل آهن، هرڪو ڪنهن نه ڪنهن دوست سان مفاد خاطر لاڳاپو ڳنڍيندو آهي، هڪ اها به ڳالهه آهي ته ڪنهن وقت ۾ صرف ٻه هٿ جون آڱريون ملائڻ سان ايترو ته دوستي جو رشتو پڪو ۽ مضبوط ٿي ويندو هو جو ڪيئن دشمن انهن خلاف الاهي ڪيتريون سازشون هلائيندا هئاپر ان رشتي کي ختم نه ڪري سگهندا هئا، اهو رشتو تاحيات جڙيل رهندو هو، دوستي رکڻ کان اڳ اهو به سوچڻ گهر جي ته زندگي ۾ انسان کي ٻه رشتا مليل آهن هڪ ڀائپي جو رشتو ٻيو دوستي جو رشتو، ڀائيپي جو رشتو هڪ سون جيان رشتو آهي ۽ دوستي جو رشتو هڪ هيري مثل رشتو آهي، جيڪڏهن اهو ڀائپي جو سون جهڙو رشتو اتفاق سان ڪٿي ٽٽي وڃي ٿو ته اهو رشتو وري جڙي به سگهي ٿو پر دوستي جو اهو هيري جهڙو رشتو ڪنهن موڙ تي انسان جي ٿوري غلطي جي ڪري اتفاق سان ٽٽي پوي ٿو ته اهو رشتو وري سڄي زندگي ڪڏهن جڙي نٿو سگهي، ڇو جو هيرو ٽٽڻ کان پوءِ ڪڏهن به ناهي جڙندو، انهي لاءِ دوستن کي پنهنجي سچن دوستن جو قدر گهرجي.