17

پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد ڪئي آهي، پنجاب جا جيالا اٿي پون، عمران خان جو اقتدار ختم ڪري ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت کي ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين تي ان جي روح موجب عمل ۽ پارليامينٽ جي احترام کي مٿانهون رکڻ کان سواءِ ملڪ ۾ هڪ نه پر ٻه پاڪستان هلندا رهندا. عالمي يوم جمهوريت جي موقعي تي ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جهڙي هڪ گهڻ ثقافتي معاشري ۾ وفاقي جمهوريت ئي واحد نظامِ حڪومت آهي جيڪو شهري ۽ سياسي حقن جي پاسداري ۽ متوازن معاشري جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ ڊگهي ۽ تاريخي جدوجهد ڪئي آهي ۽ ان جي حڪومتن جمهوريت کي مضبوط بنائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا آهن. پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي متفقه آئين جو تحفو ڏنو. شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحالي لاءِ ٻن آمرن خلاف جدوجهد ڪئي، جمهوري ادارن کي مضبوط ڪيو ۽ پٺتي پيل طبقن کي اقتدار جي اعليٰ ايوانن ۾ نمائندگي ڏني. هن چيو ته آصف علي زرداري آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو پنهنجي صدارتي اختيارن کي پارليامينٽ جي حوالي ڪيو ۽ مفاهمت ذريعي جامع حڪومت ٺاهي. بلاول چيو ته اڄ پي پي قيادت جو ٽيون نسل “طاقت جو سر چشمو عوام آهي” جوجهنڊو کڻي جدوجهد جي ميدان ۾ بيٺل آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ناجائز ۽ سڀ کان ناڪام حڪومت کي عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ڏيندي نه ئي ان کي رياست جي ڪنهن ٿنڀ سان هٿ چراند جي اجازت ڏيندي. حڪومت طرفان هر مخالف آواز کي دٻائڻ ۽ انتقام جو نشانو ڪرڻ مان واضح آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت ڪمزور آهي ۽ هتي هڪ نه ٻه پاڪستان هلي رهيا آهن. ٻي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  سان پ پ وچ پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف، جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ، پ پ خيبر پختونخوا جي صدر  نجم الدين ، جنرل سيڪريٽري شازي خان ڌار ڌار ملاقات ڪئي . ملاقات ۾ پارٽي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پنجاب جي اڳواڻن سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پنجاب جا جيالا اٿي پون، اسين عمران خان جو اقتدار ختم ڪري ڇڏينداسين، هوڏانهن بلاول ڀٽو سان اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان پڻ ملاقات ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو